ڪراچي (رپورٽ: شاهد ميراڻي) سنڌ ورڪرز ويلفيئر بورڊ ۾ انتظامي بحران، 18هين گريڊ جي ڊپٽي ڊائريڪٽرن ۽ ايڊمنسٽريٽو آفيسر جون 9 پوسٽون، ڊائريڪٽر ورڪس ۽ ڊائريڪٽر يلفيئر جا 19هين گريڊ وارا عهدا خالي پيل، ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب سنڌ حڪومت جي ليبر کاتي جي ماتحت هلندڙ اداري ورڪرز ويلفيئر بورڊ ۾ انتظامي بحران سبب انتظامي ۽ مالي مامرا توڙي ترقياتي منصوبا رولڙي جو شڪار ٿي ويا آهن. ان ڏس ۾ مليل ڄاڻ موجب 19هين گريڊ جون ڊائريڪٽر ويلفيئر ۽ ڊائريڪٽر ورڪس جون 2 پوسٽون 18هين گريڊ جي ايڊمنسٽريٽو آفيسر، ڊپٽي ڊائريڪٽر فنانس جون 2 پوسٽون به خالي پيل آهن، اهڙي طرح حيدرآباد، لاڙڪاڻو، سکر ۽ ڪراچي ڊويزن جون 4 پوسٽون به خالي پيل آهن، ورڪرز ويلفيئر بورڊ جي تعليم واري شعبي ۾ 2 ڊويزنن تي هڪ ڊپٽي ڊائريڪٽر جي پوسٽ مختص ٿيل آهي پر حيدرآباد ۽ ڪراچي توڙي سکر ۽ لاڙڪاڻي ڊويزن تي 2 ڊپٽي ڊائريڪٽرن جون پوسٽون خالي پيل آ هن، ورڪر ويلفيئر بورڊ ۾ ڪامورن جون ترقيون نه ٿيڻ ڪري کاتي ۾ مٿين عهدن تي مقرر ڪرڻ لاءِ ڪامورا به ئي ناهن، جنهن ڪري ورڪرز ويلفيئر بورڊ جي ماتحت هلندڙ ليبر ڪالونيون ۽ بيا ترقياتي منصوبا بحرانن جي ور چڙهيل آهن، ان حوالي سان ورڪرز ويلفيئر بورڊ جي سيڪريٽري بچل راهپوٽو “پنهنجي اخبار” سان ڳالهائيندي چيو ته ڪامورن جون ترقيون نه ٿيڻ ڪري بحران پيدا ٿيو آهي، رولز منظور ٿيڻ بعد فوري طور تي ترقيون ٿينديون، جنهن بعد بحران ختم ٿي ويندو. واضح رهي ته ورڪرز ويلفيئر بورڊ جي سيڪريٽري جي پوسٽ 19هين گريڊ جي آهي، جنهن تي وري 20 گريڊ جو ڪامورو ويٺل آهي. بچل راهپوٽو جي تازو 20هين گريڊ ۾ ترقي ٿي هئي .