چڪ (ن پ ا) چڪ واسي نوجوان سکر کان واپس ايندي پراسرار نموني گم، وارثن پاران اغوا جو شڪ، دري تان اغوا ٿيل نه موٽيو، 4 شڪي گرفتار. خبر موجب گذريل رات دير سان سکر مان چڪ موٽر سائيڪل تي واپس ايندڙ نوجوان علي گل شيخ پراسرار نموني گم ٿي ويو، سندس فون نمبر ذريعي رابطو ڪٽجڻ بعد وارث پريشان ٿي ويا آهن، نوجوان جي وارثن علي جان شيخ ۽ ٻين چيو ته هو انتهائي مسڪين آهن، ڀاءُ سکر مان واپس ايندي پراسرار نموني گم ٿي ويو آهي، علائقي ۾ اغوائن جي وڌندڙ وارداتن سبب سخت پريشاني جو شڪار آهيون. هنن چيو ته کين شڪ آهي ته نوجوان کي اغوا ڪيو ويو آهي. هنن مطالبو ڪيو ته نوجوان جي ڳولا ۾ مدد ڪئي وڃي. هوڏانهن 2 ڏينهن اڳ ڪڻڪ جي ديري تان مبينا طور اغوا ٿيل ڳوٺ فريدآباد واسي ڳوٺاڻي سونهارو پهوڙ اڃا تائين بازياب نه ٿي سگهيو آهي. رستم ۽ دائم ملڪ پوليس حد بندي تڪرار هئڻ ڪري همراهه جي اغوا واري معاملي جي جاچ شروع نه ڪئي آهي، وارثن جو چوڻ آهي ته پوليس رڳو حدبندي جو جواز ڄاڻائي چڪر ڪاٽرائي رهي آهي. هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي ايس ايس پي شڪارپور چيو ته همراهه جي اغوا واري معاملي ۾ چئن شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، وڌيڪ جاچ ڪريون پيا.