ٽوڪيو اولمپڪس 23جولاءِ کان شروع ٿيندو: پاڪستان جا 3 رانديگر شامل

0
213

ٽوڪيو(اسپورٽس نيوز) ٽوڪيو اولمپڪس جي هاڪي ايونٽ ۾ 3 پاڪستاني رانديگر به گيم آپريشنز ۾ شامل آهن. هلندڙ مهيني 23 جولاءِ کان شروع ٿيندڙ ٽوڪيو اولمپڪس ۾ قومي هاڪي ٽيم ته شامل ناهي پر 3 هاڪي رانديگر ٽوڪيو اولمپڪس جو حصو آهن، جن ۾ طاهر زمان، زاهد علي ۽ غلام غوث شامل آهن. طاهر زمان، زاهد علي ۽ غلام غوث هاڪي مقابلي جي گيم آپريشنز ۾ معاونت ڪندا، ٽنهي رانديگرن کي ايشين هاڪي فيڊريشن طرفان خدمتون سرانجام ڏيڻ جو موقعو ڏنو ويو آهي. واضح رهي ته ٽوڪيو ۾ هاڪي مقابلا 24 جولاءِ کان شروع ٿيندا، جڏهن ته پاڪستان هاڪي ٽيم ڪواليفاءِ نه ڪري سگهي هئي.