ندا ڊار بابت منهنجي بيان کي غلط رنگ ڏنو ويو: عبدالرزاق

0
268

لاهور(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي آل رائونڊر عبدالرزاق وومين ٽيم جي آل رائونڊر ندا ڊار تي ڪيل تبصري تي وضاحت ڪندي چيو آهي ته منهنجي ڳالهه کي غلط انداز ۾ ورتو ويو. واضح رهي ته هڪ ٽي وي جي پروگرام جي ڪلپ سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيو هو، جنهن ۾ عبدالرزاق ڪرڪيٽر ندا ڊار بابت ميزبان کي چئي رهيو هو ته ندا سان هٿ ملائي ڏسو، هوءَ هاڻ ڇوڪري نه لڳندي آهي. وڊيو ڪلب وائرل ٿيڻ بعد سوشل ميڊيا بحث شروع ٿيو، جنهن دوران عبدالرزاق مٿان سخت تنقيد به ڪئي وئي. عبدالرزاق ٽوئٽ ڪيو ته منهنجي ڳالهين کي غلط رنگ ڏنو ويو، ندا ڊار کي فون ڪري پنهنجو موقف پيش ڪيو ۽ وضاحت به ڪئي هئي.