ٽنڊو الهيار/عثمان شاھ ھڙي/جھنڊو مري (نمائندن وٽان) عثمان شاھ هڙي ويجهو عمرساند ٿاڻي جي حد ٽنڊوالهيار_ ٽنڊوآدم روڊ جمع خان لنڊ بس اسٽاپ وٽ ڳوٺ ابراهيم ميرجت ۽ مٺو ميرجت جا رهواسي چنگچي رڪشا ۾ سوار ٿي سيشن ڪورٽ ٽنڊوالهيار پيشي تي وڃي رهيا هئا ته پراڻي زميني تڪرار تان ڪار سوار هٿياربندن سندن مٿان حملو ڪري فائرنگ ڪري ڏني، نتيجي ۾ چنگچي ۾ سوار محمد عيسيٰ ميرجت، محمد هاشم ميرجت ۽ محمد يامين ميرجت ٿڏي تي قتل ٿي ويا، جڏهن ته الهداد، ولي محمد، مبين ۽ محمد قاسم ميرجت گوليون لڳڻ سبب سخت زخمي ٿي پيا، اطلاع تي عمرساند ٿاڻي جي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش ۽ زخمين کي مختلف گاڏين ۾ سوار ڪري سول اسپتال ٽنڊوالهيار آندو، جتي زخمين کي فرسٽ ايڊ ڏيڻ بعد کين ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سول اسپتال حيدرآباد ريفر ڪيو ويو، سول اسپتال حيدرآباد ۾هڪ زخمي 35 ورهين جي محمد قاسم ميرجت زخمن جا سور نه سهندي دم ڏئي ڇڏيو، جڏهن ته واقع بعد پوري علائقي ۾ خوف ۽ حراس ڇائنجي ويو،جڏهن ته وڌيڪ ڇڪتاڻ کي روڪڻ لاءِ علائقي ۾ پوليس پڪٽ پڻ قائم ڪئي وئي آهي، هوڏانهن عمرساند پوليس مقتولن جا لاش پوسٽ مارٽم بعد قانوني گهرجون پوريون ڪرڻ وارثن حوالي ڪيا ويا، جيڪي مڙهه اباڻي ڳوٺ گولو خان ميرجت کڻائي ويا، 4 مقتولن جا لاش ڳوٺ پهچڻ تي وارثن ۾ ۾ ڪهرام مچي ويو ۽ ماحول سوڳوار ٿي ويو، جڏهن ته قتل ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي. ٻي طرف ايس ايس پي ٽنڊوالهيار، ڊي ايس پي جهنڊومري پاران واقعي واري هنڌ جو جائزو ورتو ۽ پوليس کان تفصيل پڻ ورتا، جڏهن ته معاملي جي جاچ لاءِ ڊي اس پي سي آءِ اي اسلم لانگاھ جي اڳواڻي ۾ ٽيم جوڙي وئي آهي .