واشنگٽن (م ڊ) آمريڪا افغانستان مان 11 سيپٽمبر تائين فوج ڪڍڻ جو اعلان ڪيو آهي جڏهن ته ترڪي ۾ سڏايل اجلاس 24 اپريل تائين ملتوي ڪيو ويو آهي جنهن ۾ طالبان به شرڪت جي خاطري ڪرائي آهي. مليل اطلاعن موجب آمريڪي عملدارن ميڊيا کي ٻڌايو آهي ته صدر جو بائيڊن آمريڪي فوجي 11 سيپٽمبر تائين افغانستان مان ڪڍڻ جو اعلان ڪرڻ وارو آهي، جنهن ڪري مئي تائين فوجي واپس نه وڃي سگهندا، هاڻ نائن اليون واقعي جي ويهين ورسي جي موقعي تي فوجي واپس گهرايا ويندا. ٻئي طرف ترڪي جي حڪومت اعلان ڪيو آهي ته افغانستان بابت 16 اپريل تي ٿيندڙ ڪانفرنس هاڻ 24 اپريل تي ٿيندي جنهن ۾ افغان طالبان به شرڪت ڪندا.