ٽنڊوالھيارسول اسپتال جي ملازم جو وري آپگهات جي ڪوشش

0
151

ٽنڊوالهيار(ن پ ا) ٽنڊڍوالھيار سول اسپتال جي ملازم رحيم جروار هڪ ڀيرو وري زهر  پي خو دڪشي جي ڪوشش ڪئي آهي.

 ھن  ڀيري نصر پور بدلي ڪرڻ تي ڪاوڙ ۾ اچي ڊي ايڇ او آفيس جي ڀڃ ڊاهه  ڪرڻ کانپوءِ زھريلي دوا پي خود ڪشي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته اتي موجود بيٺل ماڻھن ۽ ڊاڪٽرن کيس بچائي ورتو.

رحيم جروار جو چوڻ آھي ته مون کي نصر پور ڇو بدلي ڪيو ويو آھي.

ڊي ايڇ او  چيو ته رحيم جروار کي عارضي طور ھتي رکيو ويو ھو، اسان وٽ پھرين وارو ملازم رٽائر ٿيڻ کانپوءِ ھن کي نصر پور موڪليو آھي  انهي ڪاوڙ ۾ ھن غلط قدم کنيو آھي جنھن جي انڪوائري لاءِ ڊي سي ٽنڊوالھيار ولي محمد بلوچ کي چيو آھي.

واضع رهي ته رحيم جروار هن کان اڳ به زهريلي دوا پي خودڪشي جي ڪوشش ڪئي هئي.