ڊي جي آءِ ايس آءِ جي مقرري ۾ فني خامي ختم ٿي وئي، نئين سربراهه جي جلد مقرري ٿي ويندي: فواد چوڌري

0
256
ڊي جي آءِ ايس آءِ جي

اسلام آباد (ڊيسڪ رپورٽ) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آھي ته ڊي جي آءِ ايس آءِ جي مقرري ۾ فني خامي ختم ٿي وئي، نئين سربراهه جي جلد مقرري ٿي ويندي، ڊي جي آءِ ايس آءِ جي مقرري جو فيصلو اعتماد جي فضا ۾ ٿي ويندو

 وزيراعظم عمران خان پي ٽي آءِ جي پارلياماني پارٽي کي ڊي جي آءِ ايس آءِ جي مقرري مامري تي اعتماد ۾ وٺي ڇڏيو آھي، اجلاس بعد وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته ڊي جي آءِ ايس آءِ جي مقرري معاملي تي فوج ۽ حڪومت هڪ پيج تي آهن

وفاقي وزير فواد چوڌري چيو ته  فوج ۽ سول حڪومت ۾ ڪي به غلط فهميون ناهن، اجلاس ۾ وزيراعظم چيو ته آرمي چيف سان سندس ويجها لاڳاپا آهن، فوجي قيادت سان ماضي ۾ اسان جهڙا ڪنهن جا به ويجها لاڳاپا نه رهيا.

ان کان اڳ صحافين سان ڳالھائيندي سڌ سماءَ جي وفاقي وزير فواد چوڌري چيو ته ڊي جي آءِ ايس آءِ جي مقرري جو عمل قانون موجب جلد مڪمل ٿي ويندو، هڪ مخصوص طبقي هن معاملي ۾ جيڪا راند کيڏڻ پئي گُهرِي، اُهو ناڪام ٿي ويو

وفاقي وزير جو چوڻ ھو ته هاڻي چيو پيو وڃي ته وزيراعظم نئين ڊي جي آءِ ايس آءِ لاءِ انٽرويوز ڪندو، اهڙن عهدن تي مقررين کان اڳ ملاقات معمول جي روايت آهي، ھن چيو ته اهڙي عمل کي به تڪراري بڻائڻ انتهائي غيرمناسب آهي

ھي به پڙھندا

نئين ڊي جي آءِ ايس آءِ جي مقرري جو عمل جلد مڪمل ٿي ويندو، فوج ۽ حڪومت ۾ ڪي به اختلاف ناھن: وفاقي وزير