ٽنڊوالهيار/عثمان شاھ ھڙي (نمائندن وٽان) ٽنڊوالهيار ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام سينٽر تي پوليس ڪارروائي ڪري ڪٽوتي ڪرڻ جي الزام ۾5 ڊيوائس هولڊرز کي گرفتار ڪري 5 ڪروڙ رپيا هٿ ڪري ورتا، جڏهن ته پوليس بئنڪ جي اي ٽي ايم مان رقم ڪڍرائيندڙ ٻن ايجنٽن کي پڻ سوگهو ڪري ورتو، گرفتار ٿيلن ۾ راجا مبارڪ ڀٽي، ابوبڪر جت، محمد، ايوب انصاري، مرتضيٰ رند، ظفر رند ۽ ٻيا شامل آهن، هوڏانهن عثمان شاھ ھڙي ۾ رقم نه ملڻ ۽ بار بار سينٽر بند ٿيڻ خلاف متاثر عورتن مين روڊ تي ڌرڻو هنيو، متاثر عورتن جو چوڻ ھو ته چئن ڏينهن کان کين تنگ ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته ايجنٽ هڪ کان 3 هزارن تائين في ڪارڊ تي ڪٽوتي پڻ ڪري رهيا آھن،