سنڌڙي (ن پ ا) ڪنگھل ۾ پرونمل ۽ کپرو جو برساتي پاڻي ڇوڙ ڪرڻ ۽ اڳيان ان پاڻي کي بند ڏئي روڪڻ خلاف لال خان شاخ جي رھواسين احتجاجي مظاهرو ڪري ميرپور خاص روڊ تي ڌرڻو هنيو، جنهن ڪري ٽريفڪ معطل ٿي وئي، ان موقعي تي ڳوٺاڻن الهرکيومري، گلو مري ۽ ٻين دانهيو ته سانگهڙ کان پيرونمل وٽ کپرو سانگهڙ جي مين روڊ کي غير قانوني ڇنڊڻ رکي پاڻي ڇوڙ ڪري اسان جي سوين ڳوٺن کي ٻوڙايو ويو آھي، ھنن چيو ته ڪنگھل جي پاڻي ۾ روزانو اضافو پيو ٿئي، هنن الزام هڻندي چيو ته اسان کان هيٺ پاڻي جو نيڪال ھڪ بااثر شخص ڪرڻ نٿو ڏئي، هنن مطالبو ڪيو معاملي جو نوٽيس وٺي تدارڪ ڪيو وڃي، ٻئي پاسي 5 ڪلاڪ روڊ بند ٿيڻ سبب گاڏيون بيهجي ويون، جنهن دوران مظاهرين ڪيترن ئي مسافرن کي تشدد جو نشانو پڻ بڻايو، تشدد دوران رٽائرڊ فوجي اھلڪار علي نواز شر ۽ حاجي شر مظاهرين سان منھن ماري ٿي پئي ۽ مظاھرين مٿن تشدد ڪيو ته هنن مظاھرين کي منتشر ڪرڻ لاءِ فائرنگ ڪري ڏني، جنھن بعد سنڌڙي پوليس ٻنھي ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو،