ٽنڊوآدم: نينگر برانچ ۾ وهنجندي ٻڏي فوت، گهر ۾ ڪهرام

0
296

ٽنڊو آدم (ن پ ا) ٽنڊوآدم ۾ 13 ورهين جو نينگر بلال پٽ محمد موسيٰ بلوچ ٽنڊوآدم برانچ ۾ وهنجندي ٻڏي ويو، نينگر کي بيهوشي واري حالت ۾ برانچ مان ڪڍي مقامي اسپتال نيو ويو جتي ڊاڪٽرن سندس موت جي تصديق ڪئي، فوتي نينگر بلوچ پاڙي جو رهواسي آهي، مڙھ گهر پهچڻ تي وارثن ۾ ڪهرام مچي ويو.