مغوي موهن لال جي بازيابي لاءِ پوليس اٽالا ڪچي ۾ پهچي ويا

0
656
ڊگهڙي ويجهو هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان مارجي ويو
ڊگهڙي ويجهو هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان مارجي ويو

رائونتي (ن پ ا) ڏھرڪي واسي اغوا ٿيل ھندو نوجوان موھن لال جي بازيابي لاءِ گھوٽڪي ضلعي جي پوليس جا اٽالا رائونتي جي ڪچي ۾ پھچي ويا، نوجوان جي بازيابي لاءِ ڊي ايس پي رائونتي نظير احمد سومرو جي اڳواڻي ۾ ڪچي ۾ آپريشن جون تياريون ڪيون پيون وڃن، پوليس جو چوڻ آهي ته نوجوان جي بازيابي لاءِ آپريشن ھلندڙ آھي، کيس جلد بازياب ڪرايو ويندو . پوليس اي پي سي مشينون ساڻ ڪري ڪچي ۾ آپريشن شروع ڪرڻ لاءِ رائونتي ڪچي واري علائقي پهتل آهي. واضع رهي ته گذريل ڏينهن نوجوان مٿان ڌاڙيلن پاران وحشياڻي تشدد جي ھڪ ويڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ھئي، جنهن بعد سوشل ميڊيا تي صارفين پاران گھوٽڪي پوليس کي سخت تنقيد جو نشانو بڻائيندي جلد نوجوان جي بازيابي جو مطالبو ڪيو ويو. ذريعن جو چوڻ آهي ته مغوي نوجوان جي بازيابي لاءِ راڄوڻي ڪوششون به تيز ڪيون ويون آهن، ٿي سگهي ٿو ته شام تائين پوليس راڄوڻي ڪوششن ذريعي نوجوان کي بازيابي ڪرائي وٺي.