ڪشمور: مغوي ٻالڪن جي وارثن ڪشمور پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي حاجي شر، محبوب شر، الف شر ۽ ٻين الزام هڻندي چيو ته عيساڻي مزاري برادري جي ٻن جيپن ۾ سوار هٿياربندن مسافر بس روڪي بيمار ٻالڪ مختيار شر ۽ منير شر کي اغوا ڪيو، هنن چيو ته اسان جي ٻالڪن کي 18 ڏينهن اڳ گيھلپور ڪچي مان خير بخش مزاري جي اغوا پلاند ۾ اغوا ڪيو ويو آهي، هنن چيو ته اسان جو مزاري نينگر جي اغوا معاملي سان ڪو به تعلق ناهي، هنن چيو ته مزاري برادري کي صفائي ڏيڻ لاءِ تيار آهيون، هنن چيو ته بيمار ٻالڪن کي وقت سر علاج نه مليو ته هو مري ويندا، هنن مطالبو ڪيو ته ٻالڪ بازياب ڪرائي ملوث جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.