ڪرمپور (رپورٽ: سيف الله بجاراڻي) ڪرمپور ويجهو ڪچي جي جنگڻ ٿاڻي جي حد ليسوڙي پوليس پڪٽ تي هٿياربندن حملو ڪري 5 پوليس اهلڪارن کي اغوا ڪري ورتو، جڏهن ته ٿوري مفاصلي بعد هٿياربندن 4 پوليس اهلڪارن راشد ڀيو، جميل ڀيو، عبدالرشيد ڀيو ۽ حفيظ ڀيو کي مقامي هجڻ ڪري رستي ۾ ڇڏي ڏنو، جڏهن ته هڪ پوليس اهلڪار ممتاز ٽانوري کي اغوا ڪري ورتو، هٿياربندن سمورن پوليس اهلڪارن کان هٿيار پڻ ڦري ورتا، اغوا کان بچي ويل پوليس اهلڪارن جو تعلق ڀيا ذات سان ٻڌايو پيو وڃي، واقعي جي اطلاع تي ڪشمور ڪنڌڪوٽ پوليس ۾ ٿرٿلو مچي ويو، ايس ايس پي شبير سيٺار پاران چارج وٺڻ جي ٻئي ڏينهن تي ڏوهارين وڏي واردات ڪري هڪ پوليس اهلڪار کي اغوا ڪيو ۽ 5 اهلڪارن جا هٿيار پڻ کڻي ويا.