ٺڪراٺو (ن پ ا) ٺڪراٺي ڀرسان ڳوٺ ساماڻون مڱريو تي مختلف ٿاڻن جي پوليس چڙھائي ڪري 4 گهرن کي مبينا طور باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو، ٻي طرف متاثر ڳوٺاڻن ساماڻون مڱريو، دادلو مڱريو، ميرحسن مڱريو ۽ ٻين دانھيندي چيو ته مبارڪپور ٿاڻي جي حد ۾ مهر برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ھلندڙ آھي، جنھن ۾ ھڪ عورت ۽ 2 ٻار اغوا ٿيل آھن، جن جو جواز ڄاڻائي پوليس ڳوٺ تي چڙهائي ڪري اسان جي گهرن مان 10 تولا سون، 12 لک رپيا روڪ رقم ۽ ٻيو قيمتي سامان کڻي  4 ڳوٺاڻن دادلو مڱريو، ساماڻون مڱريو، ميرحسن ۽ محندحسن مڱريو جي گهرن کي باهيون ڏئي ساڙيو ڇڏيو آهي، هنن چيو ته اسان جو مھربرادري جي جھيڙي سان ڪو به واسطو ناھي،ھوڏانھن ايس ايچ او صالح پٽ علاوالدين ڦلپوٽو ٻڌايو ته پوليس چڙھائي بابت مونکي ڪا به خبر ناھي، اسان ڪا به چڙھائي ناھي ڪئي.