حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد ۾ آءِ بي اي ٽيسٽ پاس اميدوارن سميت مختلف ڌرين ڌار ڌار مظاهرا ڪيا.  آءِ بي اي پاس اميدوارن  حاجن شورو، جاويد کوسو، طارق کوسو، سليم جمالي، منصور نظاماڻي، فيضان نظاماڻي ۽ ٻين ٻڌايو ته سنڌ حڪومت آءِ بي اي سکر معرفت جي اي ايس ٽي ۽ پي ايس ٽي جي استادن جي ڀرتين لاءِ 2021ع ۾ لکت وارو امتحان ورتو جنھن ۾ پھرين 55 مارڪن تي پاس ٿيل اميدوارن کي آرڊر ڏنا ويا ۽ سنڌ حڪومت 54 کان 40 مارڪون کڻندڙ اميدوارن کي به آفر آرڊر ڏيڻ لاءِ ڊائريڪٽرز ايجوڪيشن ۽ ڊي اي اوز کي ٻيو مرحلو شروع ڪري سموريون خالي پيل پوسٽون ظاهر ڪرڻ جي هدايت ڪئي پر تعليم کاتي حيدرآباد جو ڊائريڪٽر عزيز الله اوڍو، ڊي اي او سيڪنڊري عزيز الرحمان ڏھوٽ ۽ ڊي اي اي پرائمري خالد حسين ٻٻر ٻئي مرحلي کي رولڙي جو شڪار ڪري ڇڏيو آھي. هنن چيو ته خالي پيل جايون ظاهر نه پيون ڪيون وڃن جنھن مان ظاھر ٿي رھيو آھي ته پي ايس ٽي ۽ جي اي ايس ٽي جي استادن جي ڀرتين وارو ٻيو مرحلو ڪرپشن جي نظر ڪيو پيو وڃي. هوڏانهن  ڦليلي واري علائقي جي رهواسي محمد جاويد شيخ سندن علائقي جي سرڪاري پٽن ۽ ٻين جاين تي قبضن خلاف پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪندي مطالبو ڪيو آهي ته ان علائقي ۾ ٿيندڙ قبضن کي روڪيو وڃي ۽ قبضا ڪندڙ ماڻهن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. لطيف آباد پوڻا 4 نمبر جي رهواسڻ مسمات نسيم زال عبدالرئوف گهرڀاتين سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي گهر ڪئي آهي ته سندس پٽ ۽ ننهن کي بازياب ڪرايو وڃي. هن ٻڌايو ته سندس پٽ محمد وليد 28 جولاءِ تي عائشه گل نالي ڇوڪري سان پسند جو پرڻو ڪيو هو جنهن بعد ڇوڪري جي مائٽن وليد تي اغوا جو ڪيس داخل ڪرايو. ڪيس جي عدالت ۾ ٻڌڻي کانپوءِ واپسي تي ڇوڪري جا وارث سندس پٽ کي کنڀي کڻي ويا جڏهن ته سندس ننهن عائشه گل به مائٽن جي قبضي ۾ آهي.