ٺل (ن پ ا) ٺل ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ مختيارڪار جي اڳواڻي ۾ ايريگيشن جي پلاٽن تي ٿيل قبضن خلاف ڳري مشينري ذريعي آپريشن ڪري غيرقانوني ٺهيل دڪان ۽ گهر ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيا، آپريشن دوران روڊ جي ٻنهي پاسن کان پوليس اهلڪار مقرر ڪيا ويا هئا، انتظاميا موجب عدالتي حڪم تي ايريگيشن جي پلاٽن تان قبضا هٽايا پيا وڃن.