ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ پاڻي کوٽ خلاف آبادگارن پاران احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا، هنڱورجا ۾ آبادگارن پاڻ ساڙڻ جي ڪوشش ڪئي، راڻيپور ۾ آبادگارن پاران لڳايل بک هڙتالي ڪيمپ تي آبپاشي عملدارن جي غائبانه جنازي نماز پڙهي وئي، فيض گنج جي آبادگار اڄ ايس ڊي او آفيس آڏو ڌرڻو هڻڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، گمبٽ ۾ کهڙا شاخ مان به پاڻي چوري رڪجي نه سگهي، ان ڏس ۾ گمبٽ ڀرسان کهڙا شاخ مان بااثر آبادگار ڏينهن ڏٺي جو سري عام جھٽن ذريعي پاڻي چوري ڪرڻ لڳا،پڇڙي جي آبادگارن عبدالمجيد، شير محمد، سرور علي جو چوڻ هو ته بااثر آبادگار شاخ ۾ لوليون هڻي ۽ جھٽن ذريعي پاڻي چوري ڪن ٿا. پڇڙي ۾ پاڻي نه ٿو پهچي فصل سڙي رهيا آهن. کهڙا شاخ سميت ٻين شاخن ۾ لڳل لڳل غيرقانوني لوليون ۽ غيرقانوني جھٽا پٽرائي پڇڙي تائين پاڻي پهچايو وڃي. هوڏانهن ايس ڊي او آبپاشي رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته کهڙا شاخ تي غيرقانوني جھٽا ۽ لوليون هڻي پاڻي چوري ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي ۽ کهڙا شاخ تي لڳل جھٽو پٽرايو آهي ۽ الٽيم ڏنو آهي ٻئي صورت ۾ پاڻي چورن خلاف ڪيس داخل ڪرايا ويندا. راڻيپور ۾ ابل واھ جي پڇڙي ۾ پاڻي کوٽ ۽ کاٽي نه ٿيڻ خلاف آبادگارن ڇھين ڏينھن به بک ھڙتال جاري جاري رکي. آبادگارن پاران آبپاشي عملدارن جي غائبانه جنازه نماز علامتي بک هڙتال ڪئمپ تي ادا ڪئي وئي، آبادگارن پاران اجتمائي دعا گهري جنهن ۾ آبپاشي کاتي کي پٽون پاراتا ڏنا ويا. ان موقعي تي آبادگارن غلام مرتضيٰ وساڻ، طالب سولنگي، حسين بخش سولنگي، طالب حسين شاھاڻي، بھرام وساڻ، امام بخش شاهاڻي جو چوڻ هو ته آبپاشي عملدارن اڳيان دانھون ڪيون آھن پر ڪو ٻڌڻ لاءِ تيار ناھي ووئڻن جو فصل به ناهي ڪاهي سگهيا. سوئي گيس ڀرسان ميرواھ ڪئنال مان نڪرندڙ سدا رنگ واھ جي پڇڙي جي سوين آبادگارن نٽهڻ اس ۾ محمد عثمان ويسر، ايڊووڪيٽ غلام مهدي ويسر، لالڻ ويسر ڌرڻو هنيو. هنن الزام هڻندي چيو آهي ته آبپاشي عملدار منڍ جي آبادگارن کان لکين رپيا رشوت وٺي پاڻي وڪرو ڪري اسان پڇڙي جي آبادگارن کي ھٿ سان تباھ ڪيو پيو وڃي، ڇهن مهينن کان پڇڙي جي ٽيل تي پاڻي ناهي پهتو. ٻئي طرف سدا رنگ جي آبادگارن ايڊوڪيٽ غلام مهدي ويسر جي معرفت ٺري ميرواھ جي عدالت ۾ پاڻي جي هٿرادو کوٽ خلاف ايريگيشن عملدارن خلاف عدالت وڃڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو .هنڱورجا ميرڪ مائنر ۽ تيڪڻو واھ ۾ پاڻي جي کوٽ ۽ کاٽي نه ٿيڻ خلاف يوسي سمي جي آبادگارن هنڱورجا سمي لنڪ روڊ ميرڪ مائنر جي پل وٽ حسن علي سيال، علي حيدر سيال ،الفت سهتو ،ربن شاھ ، غلام فريد سومرو ،نبي بخش ميتلو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. ٻن آبادگارن حسن علي سيال ۽ نبي بخش ميتلو پاڻ مٿان پئٽرول هاري باھ ڏئي ساڙڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن دوران ساٿي آبادگارن کين کي باھ ڏيڻ کان روڪي ورتو بعد ۾ آبادگارن 4 ڏينهن کان قائم بک هڙتالي ڪئمپ تي پهچي علامتي بک هڙتال ڪئي. آبادگارن جي ڪئمپ تي آبادگارن جي تنظيم سارڪ جي مرڪزي اڳواڻ جمال محمود کهڙو، زاهد حسين سامٽيو،سومرا اتحاد جي اڳواڻ منظور حسين سومرو سميت مختلف سياسي پارٽين جي ڪارڪنن يڪجھتي طور تي بک هڙتال تي گڏ ويٺا.اڳواڻن جو چوڻ هو ته وونئڻن جي فصل جي پوکائي متاثر ٿي رهي آهي ۽ پوکيل فصل ڪمند ،جوئر ۽ باغات سڙي سڪي تباھ ٿي رهيا آهن. فيض گنج تعلقي جي 4 وڏن واهن ويهو واهه، فيض گنج واهه، علي نواز واهه پنڌريو واهه ۽ انهن مان نڪرندڙ شاخن چانگ مائنر، رتڙ مائنر، ڪٻر مائنر، ڀنگو مائنر ۾ پاڻي کوٽ خلاف آبادگارن غلام مصطفيٰ راڄپر، ارشاد علي ڦل، محمد يامين چانگ، محمد اسلم شر، جي ايم لاشاري، نواب علي راڄپر، صدام حسين راڄپر ايس ڊي او ايريگيشن فيض گنج جي آفيس آڏو اڄ ڌرڻو هڻڻ جو اعلان ڪيو آھي.آبادگارن پاران ڪرونڊي، اڪري ۽ ٻين ڳوٺن ۾ گڏجاڻيون احتجاج جا دعوت ناما ورهايا