ٺاروشاهه (ن پ ا) ٺاروشاهه ڀرسان درٻيلو مائينر ۾ وهنجندي نينگر ٻڏي فوت، مقامي ٽوٻن هڪ ڪلاڪ جي ڳولا بعد نينگر جو لاش هٿ ڪري ورتو، لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو. ٺاروشاهه ڀرسان ڳوٺ جمال اڄڻ واسي نينگر 11 سالن جو رمضان ولد جهنڊو خان اڄڻ سخت گرميءَ سبب درٻيلو شاخ ۾ وهنجندي ٻڏي فوت ٿي ويو، مقامي ٽوٻن هڪ ڪلاڪ جي ڳولا بعد نينگر جو لاش شاخ مان ٿ ڪري ورتو جنهن کي ٺاروشاهه جي سرڪاري اسپتال آندو ويو جتي موجود ڊاڪٽر نينگر جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي، بعد ۾ لاش جون ضروري ڪارروايون پوريون ٿيڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، جڏھن ته لاش گهر پهچڻ تي سندس گهر ۾ ڪهرام مچي ويو، علائقي ۾ سوڳ جي لهر ڇانئجي وئي.