ٺري ميرواھ واسين جي ڄڃ سان حادثو، هڪ ڄڻو فوت

0
234
مورو ويجھو روڊ

ٺري ميرواھ (ن پ ا) ٺري ميرواھ واسين جي ڄڃ سان پنجاب جي علائقي دينپور ۾ روڊ حادثو، هڪ ڄڻو فوت، شادي جون خوشيون ماتم ۾ تبديل ٿي ويون، ڄڃ سان ويندڙ ڊاٽسن کي بس جو ٽڪر لڳڻ ڪري ڊاٽسن ۾ سوار ٺري ميرواھ واسي 16 ورهين جو نينگر آزاد علي پٽ شاهد علي سنڌي پٺاڻ فوت ٿي ويو، فوتي نينگر جو مڙھ ٺري ميرواھ ۾ سندس گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.