تاريخي ماڳ ليلا جا آتڻ تي مقرر چوڪيدار تي بااثر قبضا مافيا جو مبينا تشدد

0
298

اڪري چودڳي(ن پ ا) تاريخي ماڳ ليلا جا آتڻ تي مقرر چوڪيدار عبدالرحيم شر پريس ڪلب اڪري پهچي الزام هڻندي دانهيو ته تاريخي ماڳ تي قبضا مافيا کيس تشدد ڪري موتمارڌمڪيون ڏنيون آهن، هن چيو آهي ته ليلا جا آتڻ تي چوڪيدار مقرر آهيان، اڄ صبح جو قبضا گير مون تي تشدد ڪرڻ سان گڏ تاريخي ماڳ جي آثارن تي ڀڃ ڊاھ ڪرڻ بعد تشدد ڪري موتمار ڌمڪيون ڏنيون.
هن چيو آهي ته ماسڪ پاتل ٻن ڄڻن ڪار مان لهي سائيٽ تي پهچي مون تي تشدد ڪيو ۽گارگند ڪئي، ماسڪ لهڻ بعد مون سڃاڻپ ڪئي ته ڊاڪٽر صفدر آرائين جا ڀائر ڊاڪٽر اعجاز آرائين ۽ ڊاڪٽر غلام شبير آرائين هئا، جيڪي تشدد بعد ڌمڪائيندي چيو ته زمين اسان جي آهي، هتي ڪو به تاريخي ماڳ ناهي، توهان هروڀرو ڊراما ڪري رهيا آهيو جيڪي به نوادرات نڪتا آهن اهي اسان کي ڏيکار ۽ اسان جي حوالي ڪر، چوڪيدار وزيراعليٰ سنڌ، آرڪيالاجي کاتي ۽ ايس ايس پي خيرپور کان تاريخي ماڳ تي پوليس پڪٽ قائم ڪرڻ سان گڏ کيس تحفظ فراهم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو هي.