سرحد: ٻه ڏينهن اڳ قاضي واهه ۾ ٻڏي ويل معصوم نينگر جو لاش هٿ

0
204

سرحد(ن پ ا) ٻه ڏينهن اڳ قاضي واهه ۾ ٻڏي ويل معصوم نينگر جو لاش 48 ڪلاڪن بعد هٿ آيو آهي، نينگر ذيشان مڱڻهار جو لاش قاضي واهه مان جهانپور شريف وٽان هٿ آيو، نينگر ذيشان جو لاش واهه مان گذرندڙ پائيپن ۾ ڦاٿل هو جيڪو ٻن ڏينهن جي ڳولابعد هٿ آيو، نينگر ذيشان جي لاش جي ڳولها ۾ ضلعي انتظاميا توڙي سرڪاري ٽوٻن ڪو به قدم نه کنيو وارثن پنهنجي مدد پاڻ تحت لاش ڳولهي ورتو، نينگر جو لاش واهه مان هٿ ڪرڻ بعد گهر منتقل ڪيو ويو جتي گهر ۾ قهرام مچي ويو ۽ والدين کي بيهوشي جا دورا پئجي ويا.