يوڪرين پاران روس کان فوري جنگ بندي ۽ فوجي واپس گهرائڻ جو مطالبو

0
241

ڪيف: روس- يوڪرين جنگ جي پنجين ڏينهن يوڪرين جو وفد  روس سان امن ڳالهين لاءِ يوڪرين-بيلاروس سرحد وٽ پهچي ويو. يوڪرين جي وفد پاران روس کان فوري جنگ بندي ۽ روسي فوجين جي واپسي جو مطالبو ڪري ڇڏيو- ان کان اڳ اهي ڳالهيون حفاظتي خدشن جي پيش نظر ملتوي ٿينديون رهيون آهن

گذريل ڏينهن يوڪرين جي صدر زيلسنڪي جو چوڻ هو ته اسان کي ڳالهين مان ڪنهن اڳڀرائي جي اميد ڪانهي، پر اسان کي ان موقعي مان فائدو وٺڻ گهرجي ته جيئن يوڪرين تي اهو الزام نه لڳي ته اسان جنگ روڪڻ جي ڪوشش نه ڪئي

ھي به پڙھندا

روسي فوج يوڪرين جي راڄڌاني ڪيف کانپوءِخارخيو ۾ داخل