مانجھند (ن پ ا) ڀرسان لاکڙا ڪول مائينز ۾ پورھيت پراسرار نموني فوت ٿي ويو  آهي. موسيٰ خيل ڪول ڪمپني جي کاڻ اندر ڪم ڪندي سوات جو رھواسي پورھيت 35 سالن جو حبيب الله پٽ منجرا خان جي اچانڪ طبيعت خراب ٿيڻ جي ڪري پورھيت کاڻ مان ٻاھر ڪڍي رھيا ھيا ته فوت ٿي ويو  اھڙو اطلاح ڪول مائنز پوليس کي ملڻ سبب  پوليس پاران ضروري ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو جنھن کان پوء پورھيت جي لاش کي وارثن پاران سندس اباڻي شھر سوات منتقل ڪيو ويندو جتي مڙھ مٽي ماء حوالي ڪيو ويندو.