روسي فوج يوڪرين جي راڄڌاني ڪيف کانپوءِخارخيو ۾ داخل

0
496
روسي فوج يوڪرين

ڪراچي: روسي فوج يوڪرين جي راڄڌاني ڪيف کانپوءِ ٻئين ڏينهن شهر خارخيو ۾ داخل، ڪيف ۾ وقفي وقفي سان ڌماڪن جا آواز ٻڌڻ ۽ خارخيو جي رستن تي ويڙهه شروع ٿيڻ جا اطلاع مليا آھن

 ڪيف جي ڊپٽي ميئر طرفان شهر مڪمل طور يوڪريني فوج جي ڪنٽرول ۾ هجڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آھي، يوڪرين جي دفاعي وزير چيو آهي ته پنهنجي چوڌاري نظر وجهو

 ماڻهن خوف کي ڪنٽرول ڪري ڪريملن جو مقابلو ڪرڻ جي همت ڪئي آهي، ڪيف تي ٻن ڪلاڪن ۾ قبضي جي دعويٰ ڪندڙ ڪٿي آهن؟ يوڪريني وزيراعظم روسي بئنڪس کي سوئفٽ سسٽم مان نيڪالي ڏيڻ جو فيصلو ڪرڻ تي اتحادين جا ٿورا مڃيا آھن