يوٽيوب تي وڊيوز اپلوڊ ڪندڙ هوشيار

0
101
يوٽيوب تي وڊيوز اپلوڊ ڪندڙ هوشيار

 يوٽيوب انتظاميا جديد ٽيڪنالاجي جي غلط استعمال سان ٺهندڙ وڊيوز خلاف سخت ڪارروائي جو فيصلو ڪيو آهي. انتظاميا چيو آهي ته يوٽيوب تي هٿرادو ذهانت (اي آءِ) سان وڊيوز ٺاهيندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. ان حوالي سان يوٽيوب جي پروجيڪٽ مئنيجمينٽ جي وائس صدر ايميلي موڪسلي ۽ جينيفر فلنري هڪ بيان ۾ چيو آهي ته اسان اي آءِ ۽ ٻين هٿرادو يا ڦير ڦار ذريعي ٺاهيل مواد هٽائڻ جي درخواست ممڪن بڻائينداسين.پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب يوٽيوب تي جلد واهپيدار کي اها درخواست ڪندو ته هٿرادو ذهانت ذريعي ٺاهيل وڊيوز کي پليٽ فارم تان هٽايو وڃي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته هٿرادو ذهانت ذريعي تيار ڪيل وڊيو مواد بابت قانون ايندڙ ڪجهه مهينن ۾ لاڳو ٿيندا ڇو جو ٽيڪنالاجي جي غلط استعمال سان دوکو، غلط ڄاڻ يا فحش جعلي تصويرن جو خدشو وڌندو پيو وڃي.