سوال/سروي … ووٽ سان ئي تقدير تبديل ٿيندي، بنيادي مسئلا حل ٿيندا، هتي اليڪشن نه سليڪشن هلي ٿي: عوام

0
108

 دي ٽائيم نيوز جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته ووٽ آهي اوهان جي تقدير، ووٽ سان ڪهڙي بهتري چاهيو ٿا؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته ووٽ سان گهڻو ڪجهه ٿي سگهي ٿو، عوام جا بنيادي مسئلا حل ٿي سگهن ٿا، ووٽ جو درست استعمال ڪرڻ گهرجي، پر هاڻ اليڪشن نه سليڪشن هلي ٿي، عوام جي ووٽ جي حق تي ڌاڙو نه هنيو وڃي،سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي گل حسن شر لکيو ته ھتي ڪجھه ماڻھن کي ڇڏي باقي ماڻھو ۽ عورتون گادي نشينن کي يا سندن چوڻ تي ووٽ ڏيندا آھن ووٽ سان وڏي تبديلي سڌريل دنيا ۾ ايندي آھي ھتي پيرن ميرن وڏيرن جي چوڻ تي ووٽ ڏيندا آھن يا وري نتيجا فڪس ھوندا آھن ھتي اليڪشن کان اڳ۾ ئي طئي ٿيل ھوندو آھي ته ڪنھن کي آڻڻو آھي ان ڪري ھتي سوين سالن تائين خاص ڪري سنڌ ۾تبديلي ناممڪن آھي ڪنھن سردار کي پارٽي ٽڪيٽ نه ڏئي ته اھو پارٽي تبديل ڪري ڇڏيندو آھي پر ووٽر کي ڪجھه نه ملي ته به ووٽ ٻئي جي چوڻ تي ڏيندا آھن، ذوالفقارعلي صديقاڻي لکيو ته عوام ملڪ ۾ ترقي ۽ امن ڏسڻ ٿو چاهي پر سڀ کان پهرين ڳالھه اها آهي ته عوام جي ووٽ مينڊيٽ تي کٽيل ايماندار اميدوارن کي ڌانڌلي ذريعي هارائي ۽ ڪرپٽ اميدوارن کي مشينري زور تي کٽرايو وڃي ٿو، اهڙا اميدوار عوام جي اميدن تي ڪڏهن به پورا لهي نٿا سگهن. اسد زرداري لکيو ته اگر عوام چاھي ته ووٽ سان گھڻو ڪجھه تبديل ٿي ٿو سگهي پر اسان جي ملڪ ۾ ووٽ کي سياستدان اھميت نٿا ڏين، عوام ووٽ ذريعي ملڪ ۾ بھتري چاھي ٿو ملڪ مان ڪرپشن بيروزگاري جو وڏو مسئلو آھي،  ڪامريڊ عاشق رند لکيو ته ووٽ اهي ته سڀ ڪجھه ووٽ انسان جي زندگي آهي ڏٺو وڃي ته هتي ووٽ جي ڪابه اهميت ناهي رهي،  ووٽ جي آسري تي رئيس وڏيرا سردار ڀوتار غريبن کي ووٽ جي آسري تي ڪوڙا زيور پارائي ووٽ وٺي ان جو غلط استعمال ٿا ڪن غريبن جي ڪا به مدد نٿي ٿئي،پيار علي چانڊيو لکيو ته اگر ووٽ جي اھميت جي ڪنھن کي حقيقي خبر ھُجي ته ھن وقت ڪيترا انقلاب اچي چڪا ھجن ھا پر پاڻ ووٽ جي اھميت وساري بس رسم پوري ڪندا آھيون، اسان جي تقدير تي ٻيا غاصب آھن جيڪي ھر پنجين سال سبز باغ ڏيکاري بيوقوف بڻائن ٿا پر ھاڻ ان انڌي آغوش مان اٿڻو پوندو ۽ پنھنجي ووٽ جو مُلھه اھو ھوندو جيڪو اھل ھُوندو، گدا حسين لکيو ته ووٽ جي صحيح استعمال ڪرڻ سان سٺا نتيجا اچن سگهن ٿا، ذوالفقارعلي صديقاڻي لکيو ته عوام ملڪ ۾ ترقي ۽ امن ڏسڻ ٿو چاهي پرسڀ کان پهرين ڳالھه اها آهي ته عوام جي ووٽ مينڊيٽ تي کٽيل ايماندار اميدوارن کي ڌانڌلي ذريعي هارائي ۽ ڪرپٽ اميدوارن کي مشينري زور تي کٽرايو وڃي ٿو، اهڙا اميدوار عوام جي اميدن تي ڪڏهن به پورا لهي نٿا سگهن. نثار احمد لنڊ لکيو ته ووٽ جي صحيح استعمال ڪرڻ سان سٺا نتيجا اچي سگھن ٿا، اياز کهاوڙ لکيو ته ووٽ سان گھڻو ڪجھه تبديل ٿي ٿو سگهي جيڪر صحيح نموني سان ووٽ جو استعمال ڪري سگهجي ته نه ته غلط جڳھه تي ووٽ استعمال ڪرڻ سان نتيجا به غلط نڪري سگهجن ٿا. رياض احمد زرداري لکيو ته اوهان ووٽ جي ڳالھه ڪئي.هتي ووٽ جي ڪا اهميت ناهي نوٽ آهي ته ووٽ آهي.ڇاڪاڻ هتي غريبن جا ووٽ نوٽن تي وڪرو ٿيل آهن.باقي ووٽ جو حق اگر صحيح استعمال ٿيندو ته بنيادي مسئلا حل ٿي سگهن ٿا هتي ووٽ جي ڪا اهميت ناهي بس اليڪشن ناهي ٿيڻي سليڪشن ٿيڻي آهي هتي طئي ٿي ويو آهي وزيراعظم ڪنهن کي ڪرڻو آهي سنڌ ۾ زري به تبديلي ناهي اچڻي، اها ڳالھه اسان کي ياد رکڻ گهرجي هتي وڏيرا ڀوتار غريبن کي ڦاسائي ڪوڙا ڪيس ڪري ووٽ وٺي ٿا وڃن سنڌ ۾ ووٽ جو قدر ناهي بس نوٽ هجي ٻيو مڙئي خير. تبديلي نالي ڪا شي ناهي سنڌ ۾ پنهنجا هٿ ٺوڪيا قانون آهن. ثناءُالله پنهور به سروي ۾ حصو ورتو، ڄام فقير رند لکيو ته ڪا به اميد ناهي رهي، ووٽ کان اڳ ئي خبر هوندي آهي ته ڪير کٽي ويندو.