ٽڪ ٽاڪ ۾ پسنديده گيت ڳولڻ سولو ٿي ويو

0
80
ٽڪ ٽاڪ ۾ پسنديده گيت ڳولڻ سولو ٿي ويو

 وڊيو شيئرنگ پليٽ فارم ٽڪ ٽاڪ هڪ نئون فيچر متعارف ڪرائي ڇڏيو آهي جنهن کان پوءِ هاڻي واهپيدارن کي ٽڪ ٽاڪ وڊيوز ۾ موجود پنهنجي پسنديده ميوزڪ جو نالو گوگل تي ڳولڻ جي ضرورت نه پوندي. ٽڪ ٽاڪ هلندڙ هفتي ايڊ ٽو ميوزڪ ايپ جي نالي سان پنهنجن واهپيدارن کي نئين سهولت فراهم ڪئي آهي. ان نئين فيچر جي مدد سان واهپيدار ٽڪ ٽاڪ وڊيوز ۾ شامل ڌنن ۽ گيتن کي سڌي ريت اسپاٽيفاءِ، ايمزون ميوزڪ يا ايپل ميوزڪ تي پاڻ وٽ محفوظ (SAVE) ڪري سگھو ٿا. اهڙيءَ طرح ٽڪ ٽاڪ ٽڪ ٽاڪ پنهنجن واهپيدارن لاءِ پسنديدهه موسيقي ڳولڻ جي سفر کي سولو بڻائي ڇڏيو آهي.