احمد آباد (اسپورٽس نيوز) ڀارت ۾ جاري آءِ سي سي مينز ون ڊي ورلڊ ڪپ پنهنجي پڄاڻي تي آهي جنهن ۾ ٽورنامينٽ جو آخري ۽ سڀ کان وڏو دنگل ميزبان ڀارت ۽ آسٽريليا وچ ۾ 18 نومبر تي احمد آباد جي نريندر مودي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏيو ويندو. ڀارتي ٽيم هنيئر تائين پوري ٽورنامينٽ ۾ ناقابلِ شڪست رهي آهي ۽ روهت شرما جي قيادت ۾ کيڏڻ واري ٽيم 10 مان 10 ميچن ۾ ڪاميابي ماڻي آهي جڏهن ته آسٽريليا جي ٽيم شروعاتي ٻن ميچن ۾ شڪست کانپوءِ لڳاتار ميچون کٽي رهي آهي ۽ ڪينگروز سيمي فائنل ۾ پروٽيز کي هارائي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪيو.. بي سي سي آءِ جي سيڪريٽري جئه شاهه جي درخواست ڪئي آهي ته هو 1992ع واري فاتح ٽيم جي ڪپتان عمران خان جو خاص تحفو ( بيلز ) وٺي. آچر جي ڏينهن ڀارت ۽ آسٽريليا وچ ۾ ميگا ايونٽ جي فائنل کان اڳ رٿيل تقريب ۾ ورلڊ ڪپ فاتح ٽيمن جي ڪپتانن کي خاص بيلز پيش ڪيون وينديون. تقريب ۾ ڪلائيو لائيڊ، ڪپل ديو، ايلن بارڊر، رانا ٽنگا، اسٽيووا، رڪي پونٽنگ، مهندر سنگهه ڌوني، مائڪيل ڪلارڪ ۽ آئن مورگن شرڪت ڪندا.1992ع واري ورلڊ ڪپ جي فاتح ٽيم جو ڪپتان عمران خان پاڪستان ۾ جيل ۾ قيد هئڻ سبب شرڪت نه ڪري سگهندو.