وڏي وزير مراد علي شاهه کي توهين عدالت جا نوٽيس جاري

0
228

ڪراچي (رپورٽ: نذير ميمڻ) وڏي وزير مراد علي شاهه کي توهين عدالت جا نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن، سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ گجر  نالي جي متاثرن جي وڏي وزير مراد علي شاهه  خلاف توهين عدالت جي درخواست تي ٻڌڻي

عدالت سنڌ جي وڏي وزير مراد علي  شاهه کي توهين عدالت جا نوٽيس  جاري ڪري ڇڏيا ، عدالت چيف سيڪريٽري سنڌ، ڪمشنر  ڪراچي ۽ ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ کي  سڀاڻي گهرائي ورتو

عدالت پنهنجي ريمارڪس ۾ چيو ته وڏي وزير جي طلبي جو معاملو چيف سيڪريٽري سنڌ جي رپورٽ بعد ڪيو ويندو، وڏي وزير جا هڪ ٻه ڏينهن رهجي  ويا آهن، کيس جيل موڪلي ڇا ڪنداسين

بينچ ۾ جسٽس محمد علي مظهر ۽جسٽس سيد حسن اظهر رضويشامل آهن، درخواستگذار جو چوڻ هو ته سپريم ڪورٽ گجر نالي جي متاثرن کي متبادل رهائش فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏنو ھو

درخواستگذار چيو ته سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي عمل نه ڪيو آھي، سنڌ جو وڏو وزير مراد علي شاهه عدالتي حڪم تي عمل نه ڪري توهين عدالت ڪئي

هي به پڙهندا

ڪراچي ۾ گهر مان ڦر جي ڪوشش، مقابلي ۾ 5 ڦورو مارجي ويا

شهريار ۽ شاندانه جي گرفتاري جو ايم پي او آرڊر معطل، گهر وڃڻ جي اجازت