ڪراچي ۾ گهر مان ڦر جي ڪوشش، مقابلي ۾ 5 ڦورو مارجي ويا

0
321
ڪراچي ۾ گهر مان ڦر جي ڪوشش، مقابلي ۾ 5 ڦورو مارجي ويا
ڪراچي ۾ گهر مان ڦر جي ڪوشش، مقابلي ۾ 5 ڦورو مارجي ويا

ڪراچي (رپورٽ: حبيب جمالي) ڪراچي ۾ گهر مان ڦر جي ڪوشش ڪئي وئي، پوليس پهچي وئي، مقابلي ۾ 5 ڦورو مارجي ويا، 2 فرار، نارٿ ڪراچي سيڪٽر 11 بي ۾ هڪ گهر ۾ 7 ڦورو داخل ٿيا

افغان ڦورن جي ٽولي سمورن  گهرڀاتين کي يرغمال بڻائي تشدد جو نشانو بڻايو، پوليس پهچڻ بعد فائرنگ جو سلسلو شروع ٿي ويو

 پوليس جو چوڻ آهي ته افغان ڦورو ٽولو هڪ گهر ۾ داخل ٿيو، اطلاع ملندي واقعي واري هنڌ پهتاسين ته ڏوهارين سان مقابلو ٿي پيو، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 5 ڦورو مارجي ويا

ايس ايس پي سينٽرل معروف عثمان موجب مارجي ويل 5 ڦورن مان 3 ڄڻن جي پائنده خان، عبدالله ۽ عمران جي نالي سان سڃاڻپ ، ٻن ڄڻن جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي

هي به پڙهندا

وڏي وزير مراد علي شاهه کي توهين عدالت جا نوٽيس جاري