شهريار ۽ شاندانه جي گرفتاري جو ايم پي او آرڊر معطل، گهر وڃڻ جي اجازت

0
242
شهريار ۽ شاندانه جي
شهريار ۽ شاندانه جي

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ اڳواڻن شهريار آفريدي ۽ شاندانه گلزار جي ٿري ايم پي او تحت گرفتاريءَ جو آرڊر معطل ڪري ڇڏيو آهي، ٻنهي اڳواڻن کي گهر وڃڻ جي اجازت ڏني وئي

ڊي سي ۽ ايس ايس پي آپريشنز اسلام آباد خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو

 اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس بابر ستار شهريار آفريدي ۽ شاندانه گلزار جي گرفتاريءَ خلاف درخواست جي ٻڌڻي هلائي، شهريار آفريدي پنهنجي وڪيل شير افضل مروت سان گڏ عدالت ۾ پيش ٿيو

 ڊپٽي ڪمشنر اسلام آباد عدالت آڏو بيان ڏيندي چيو ته شهريار آفريدي ماڻهن ۾ اشتعال پکيڙيو، عدليه خلاف مهم ۾ به هن جو نالو آيو آهي، جسٽس بابر ستار چيو ته جيل ۾ هئڻ باوجود هن ماڻهن کي ڪيئن ڀڙڪايو؟ ڊپٽي ڪمشنر چيو ته منهنجيون اکيون ۽ ڪن انٽيليجنس جون رپورٽس آهن

 جسٽس بابر ستار رمارڪس ۾ چيو ته اسپيشل برانچ جي رپورٽ ته رڳو هڪ مذاق آهي، اهو نوٽيفڪيشن ڪٿي آهي، جنهن تي شهريار آفريدي جي گرفتاري جي اجازت ڏني وئي

 عدالت ڊي سي جي بيان کي اطمينان جوڳو نه قرار ڏيندي چيو ته ڊي سي تي توهين عدالت جي ڪارروائي ڪئي ويندي، ايس ايس پي آپريشنز تي به فرد جرم لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو

 عدالت پاران شاندانه گلزار کي به آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو، عدالت چيو ته شاندانه گلزار کي ڪجهه ٿيو ته ذميوار آءِ جي ۽ چيف ڪمشنر اسلام آباد هوندا

هي به پڙهندا

سپريم ڪورٽ سنڌ ۾ تڪبندين جو معاملو واپس اليڪشن ڪميشن کي موڪلي ڇڏيو