سپريم ڪورٽ سنڌ ۾ تڪبندين جو معاملو واپس اليڪشن ڪميشن کي موڪلي ڇڏيو

0
154

Building - Supreme Court of Pakistan

سپريم ڪورٽ سنڌ ۾ تڪبندين بابت معاملو واپس اليڪشن ڪميشن کي موڪلي ڇڏيو، سپريم ڪورٽ ۾ تڪبندين خلاف ٻڌڻي ٿي

قومي اسيمبلي جي تڪ 192 ۽ 193 سوڌو صوبائي تڪ پي ايس 8،7 ۽ 9 شڪارپور جي تڪبندين کي چيلنج ڪيو ويو هو ، سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس جي سربراهي ۾ 2 رڪني بينچ ٻڌڻي ڪئي

سپريم ڪورٽ تڪبندين بابت معاملو واپس اليڪشن ڪميشن کي موڪلي ڇڏيو ۽ هدايت ڪئي ته اليڪشن ڪميشن چونڊن کان اڳ سمورا معاملا حل ڪري

چيف جسٽس پاڪستان عمر عطا بنديال رمارڪس ڏيندي چيو ته تڪبنديون عوامي مفاد جو معاملو آهي، سپريم ڪورٽ ۾ تڪبندين جو معاملو ڪيترائي ڀيرا اچي چڪو آهي، اليڪشن ڪميشن تڪبنديون شفاف طريقي سان ڪري، تڪبندين جي حد ۾ ٿوري به تبديلي سان ووٽن تي اثر پوندو آهي

چيف جسٽس چيو ته سنڌ ۾ تڪبندين تي حساسيت وڌيڪ آهي، سنڌ مان اڪثر شڪايتون ڪيون وينديون آهن ته تڪبنديون درست ناهن ٿيون

عدالت ۾ ڊي جي اليڪشن ڪميشن به موجود هو، جنهن کان چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته اليڪشن ڪميشن عام چونڊون ڪڏهن ڪرائي رهيو آهي؟ جنهن تي ڊي جي اليڪشن ڪميشن پنهنجو ڪنڌ هيٺ ڪري ڇڏيو

چيف جسٽس مسڪرائيندي چيو ته يعني اڃا تائين چونڊن جي تاريخ ئي طئي ناهي ٿي، چيف جسٽس هدايت ڪئي ته اليڪشن ڪميشن چونڊن کان اڳ سمورا معاملا حل ڪري

هي به پڙهندا

پي ٽي آءِ چيئرمين جي وڌيڪ 3 ڪيسز ۾ ضمانت رد