ٽرائل ڪورٽ جو فيصلو معطل، سارنگ شر وري گرفتار

0
275

سنڌ هاءِ ڪورٽ خيرپور ۾ ٻارن سان زيادتي ڪيس ۾ سارنگ شر بابت ٽرائل ڪورٽ جو فيصلو معطل ڪري ڇڏيو

سارنگ شر جي ٽرائل ڪورٽ مان آزادي واري فيصلي کي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چيلنج ڪيو ويو هو جنهن تي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي ٿي

سنڌ هاءِ ڪورٽ خيرپور ۾ ٻارن سان زيادتي جي ڪيسن ۾ صلح جي بنياد تي جوابدار جي بري ٿيڻ واري فيصلي کي معطل ڪندي سارنگ شر کي حراست ۾ وٺڻ جو حڪم ڏنو جنهن کانپوءِ پوليس عدالتي ڪمري ٻاهران سارنگ شر کي گرفتار ڪري ورتو

سنڌ هاءِ ڪورٽ ٽرائل ڪورٽ کي ٻيهر ٽرائل جو به حڪم ڏنو ، ٻڌڻي دوران پوليس عدالت کي ٻڌايو ته سارنگ شر تي ٻارن سان زيادتين، ملڪيتن تي قبضن سوڌو 8 ڪيس داخل آهن جوابدار سمورا ڪيس ٺاهه ڪري ختم ڪرايا آهن

ايڊيشنل پراسيڪيوٽرعدالت کي ٻڌايو ته ننڍن ٻارن سان زيادتي جي ڪيسن ۾ صلح نٿي ٿي سگهي ٽرائل ڪورٽ ثبوتن کي نظرانداز ڪيو، يو ايس بي ۾ اهم ثبوت ٽرائل ڪورٽ ۾ پيش ڪيا ويا هئا ان کي به نظرانداز ڪيو ويو

سنڌ هاءِ ڪورٽ چيو ته پاڪستان ۾ فرانزڪ ليب ناهي ته ٻاهرين ملڪ مان فرانزڪ آڊٽ ڪرائي وڃي ۽ سمورا ثبوت ٻيهر ٽرائل ڪورٽ آڏو پيش ڪيا وڃن

واضح رهي ته سارنگ شر جون ٻارن سان زيادتي ڪرڻ واريون وڊيو به سامهون آيون هيون جنهن بعد کيس گرفتار ڪيو ويو هو، ٽرائل ڪورٽ کيس بري ڪيو هو

هي به پڙهندا

سنڌ هاءِ ڪورٽ سارنگ شر جي بريت جو نوٽيس ورتو، ٽرائل ڪورٽ کان رڪارڊ طلب