ناليواري راڳي عاشق نظاماڻي ڏکاري وڊيو ڇو جاري ڪئي

0
290

لاڙڪاڻو (رپورٽ: نادر ابڙو) لاڙڪاڻو پوليس سنڌ جي ناليواري راڳي ۽ استاد عاشق نظاماڻي جي گهر مان لکين روپين جي ڌاڙي ۽ سولر پليٽون چوري ڪرڻ وارن واقعن ۾ ملوث چورن کي گرفتار نه ڪري سگهي، عاشق نظاماڻي فيس بڪ تي پنهنجي ويڊيو پوسٽ ڪري ڇڏي

لاڙڪاڻو ناليواري راڳي فيس بڪ تي سنڌ واسين لاءِ پيغام جاري ڪندي پنهنجو ڏک ونڊي سنڌ واسين کي دانهن ڏني، ناليواري راڳي عاشق نظاماڻي ڏکارو ٿي چيو آهي ته سنڌ دوست صلاح ڏين ته مون کي لڏڻ کپي يا هي دنيا، شهر ۽ ملڪ ڇڏڻ کپي

عاشق نظاماڻي جو چوڻ آهي ته لاڙڪاڻو مهينو اڳ چورن اسان جي غيرموجودگي ۾ خالق ڪالوني واري گهر جا تالا ڪٽي اڍائي تولا سونا زيور، ليپ ٽاپ، ڪئميرا، لينس، ٿانو کڻي گهر کي ٻهاري ويا

هن جو چوڻ هو ته لاڙڪاڻو چورن گهر ۾ اڇ ڪري ڇڏي جوان ڏينهن مان پنهنجي کيسي جي پئسن مان ٿانو وٺي گهر ۾ ماني ۽ ڀاڄي ڪرائي کاڌي

هن چيو ته واقعي جو اطلاع الهه آباد ٿاڻي تي ڏنو پوليس ايس ايس پي ڏانهن موڪليو جنهن درخواست تي نوٽ هڻي اي ايس پي ڏي موڪليو ۽ بعد ۾ ٿاڻي جي منشي گهر اچي تفصيل وٺي خاطري ڪرائي ، مان فنڪار ۽ استاد آهيان ڪيسيتائين ڪورٽن جا چڪر ڪاٽيان، چور هڪ فنڪار جي گهر کي اورانگھي ٻچن ۾ گهڙي سامان کڻي ويا آهن

هن چيو ته 14 آگسٽ جي رات چورن گهر ۾ گهڙي 2 سولر پليٽون چوري ڪيون، دوست صلاح ڏين ته اهڙي زيادتي کان پوءِ مون کي لڏڻ ڪرڻ کپي يا هي دنيا، شهر ۽ ملڪ ڇڏڻ کپي، ڇا ڪيان مان؟؟