گهوٽڪي جي ڪچي مان پوليس اهلڪار کي اغوا ڪندڙ ڌاڙيلن وڊيو جاري ڪري ڇڏي

0
283
سنڌ-پنجاب دنگ وٽ ڌاڙيلن ڪشمور واسي ڳوٺاڻي سميت ٻن يرغمالين کي قتل ڪري ڇڏيو
سنڌ-پنجاب دنگ وٽ ڌاڙيلن ڪشمور واسي ڳوٺاڻي سميت ٻن يرغمالين کي قتل ڪري ڇڏيو

گهوٽڪي (رپورٽر) گهوٽڪي جي ڪچو ٻنڊي ٽو واري علائقي مان پوليس اهلڪار کي اغوا ڪندڙ ڌاڙيلن جي وڊيو سامهون اچي وئي آهي

 ڌاڙيلن پوليس اهلڪار جي بازيابيءَ عيوض گرفتار ڪيل جوابدار اميد علي جاگيراڻيءَ جي آزاديءَ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي

 ڌاڙيلن جو چوڻ آهي ته پوليس اميد علي جاگيراڻي کي آزاد ڪري، ڪاهي ويل چوپايو مال واپس ڪري ۽ مارجي ويل ٻن ڌاڙيلن جو سامان واپس ڪيو وڃي

 ڌاڙيلن پاران مطالبا نه مڃڻ جي صورت ۾ پوليس اهلڪار خالد ڪورائي کي قتل ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني وئي آهي، مغوي اهلڪار جا گهرڀاتي پريشانين ۾ وٺجي ويا

هي به پڙهندا

ڪراچي ۾ گهر مان ڦر جي ڪوشش، مقابلي ۾ 5 ڦورو مارجي ويا