ٽنڊوباگو(ن پ ا) سنڌ جو وڏو وزير مراد علي شاھ ٺٽي، سجاول ضلعن جي دوري کانپوءِ بدين شھر پھتو، جتي لنواري پئليس ۾ پرتڪلف مانجھاندو ڪرڻ کان پوءِ ڪامورن ۽ پيپلزپارٽي  جي اڳواڻن کان ايل بي او ڊي ۾ پاڻي جي صورتحال ۽ 20 ڏينهن گزرڻ باوجود به نه ٻڌجندڙ پراڻ ڍوري جي گھاري بابت تفصيل ورتا. جڏھن ته بدين ضلعي جي هيڊ ڪوارٽر واري شهر ۾ ھوندي، تعلقي ٽنڊي باگي جي پراڻ ڍوري گھاري سبب پنجن يونين ڪائونسلن جي بي گھر ٿي روڊن تي ويٺل ھزارين ٻوڏ متاثرين وٽ لڙي به نه ويو. جڏهن ته صبح کان وٺي ٻوڏ متاثرين وڏي وزير جو انتظار ڪندا رھيا.