خيرپور (رپورٽر) بئنڪنگ ڪورٽ خيرپور پاران زرعي ترقياتي بئنڪ جي ايم سي او ۽ هيڊ ماستر سميت 12 ڄڻن جا گرفتاري وارنٽ جاري، گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم. خبر موجب خيرپور جي مختلف بئنڪن مان قرض وٺي واپس نه ڪندڙ باقيدارن خلاف بئنڪنگ ڪورٽ خيرپور زرعي ترقياتي بئنڪ ڪوٽڏيجي جي ايم سي او محمد يوسف ڪانهر، گورنمينٽ هائير سيڪنڊري اسڪول رسول آباد جي هيڊ ماستر علي مدد ڏاهري، تعلقي ڪنگري جي ڳوٺ پڪي کوهي جي زميندار الهه بچايو پٽ مولا سينگار، زميندار محمد طارق اڄڻ، محمد ساجد اڄڻ، محمد راشد اڄڻ، فتح محمد اڄڻ، رياض حسين مڱريو، سليم الله شيخ ۽ غلام نبي مهر جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪندي خيرپور پوليس کي حڪم ڏنو آهي ته کين گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي.