ميان صاحب : مقتول دين محمد ڪلر ۽ مقتول رتو ڪلر جي ڌرين ۾ ڪارنهن مامري تان پنج سال اڳ تڪرار شروع ٿيو هو.دين محمد ڪلر، رتو ڪلر سندس پٽ نياز، اصغر، اسماعيل، حڪيم داد سميت ٻنهي ڌرين جا 7 ڄڻا قتل ٿي چڪا آهن.خانپور، ميان صاحب، همايون شريف ۽ سلطان ڪوٽ ٿاڻن تي ڌرين جا هڪ ٻئي خلاف ڪيس داخل ٿيل آهن، جن ۾ ڪيترائي جوابدار گرفتار ۽ روپوش آهن، پر اڃا تائين ڌرين ۾ سرچاءُ ناهي ٿي سگهيو.