ميان صاحب : سياسي سماجي ڌرين ۽ صحافين سلطان رند، خادم حسين ڪلر، درگاھ حضرت ميان تاج محمد مهر جي گادي نشين ميان انيس الرحمان مهر ڌرين ۾ سرچاءُ ڪرائڻ لاءِ چونڊيل نمائندن سميت ايس ايس پي شڪارپور، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻي کان مطالبو ڪيو آهي ته ڌرين ۾ هلندڙ تڪرار ختم ڪرائي علائقي جو امن ۽ ڪاروبار بحال ڪرايو وڃي.