ميان صاحب (ن پ ا) ميان صاحب ويجهو ڪلر برادري هلندڙ تڪرار تان پيرسن حڪيم داد ڪلر قتل ٿي ويو، سلطان ڪوٽ ٿاڻي جي حد قومي شاھراهه تي دوست شاخ لڳ موٽر سائيڪل تي شڪارپور ڪورٽ ۾ حاضري لاءِ ويندڙ 58 ورهين جي حڪيم داد ڪلر کي هٿياربندن گوليون هنيون، پوليس لاش ايمبولينس نه ملڻ سبب جانور کڻي وڃڻ واري پڪ اپ ۾ کڻائي پوسٽ مارٽم لاءِ سلطان ڪوٽ اسپتال آندو، جتان وارثن حوالي ڪيو ويو،  وارثن شڪارپور – جيڪب آباد قومي شاهراهه روڊ تي لاش رکي ڌرڻو هنيو، سلطان ڪوٽ ۽ ميان صاحب پوليس جوابدارن جي گرفتاري جي خاطري ڪرائي روڊ کولرايو،ڳوٺ اوٺي پير ۾ پيرسن جو مڙھ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. مقتول جي پٽ عمران جي فرياد تي غلام فريد ڪلر، دلبر، ڪوڙل، شاهنواز، شير محمد ۽ هڪ عورت سسئي زال رتو ڪلر سميت 9 جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو، پوليس سسئي کي واقعي واري هنڌان گرفتار ڪري ورتو.