اسلام آباد(م ڊ) وفاقي گهرو وزير رانا ثناءُ الله چيو آهي ته ارشد شريف جي قتل ۾ ڪينيا ۾ رهندڙ ٻئي ڀائر مڪمل طور ملوث آهن انهن کان پڇاڻو ڪرڻ گهرجي. نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته ارشد شريف جي قتل ۾ ڪينيا ۾ موجود ٻئي جوابدار ملوث آهن. انهن کان پڇاڻي لاءِ انهن کي اسان جي حوالي ڪيو وڃي ته سموري خبر پئجي ويندي. هن چيو ته وزيراعظم ارشد شريف ۽ ٻين معاملن جي جاچ لاءِ چيف جسٽس کي ڪميشن جوڙڻ لاءِ لکي چڪو آهي. اسان به چاهيون ٿا ته ارشد جي والده جي مرضي سان جاچ ڪرائي وڃي. هن چيو ته عمران جي هيلي ڪاپٽر کي پريڊ گرائونڊ اسلام آباد ۾ لينڊنگ ڪرڻ تي اسان کي ڪو به اعتراض نه آهي. انتظاميه ميرٽ تي فيصلو ڪندي.