راولپنڊي(م ڊ) جنرل عاصم منير جو والد اسڪول جو پرنسپل هو ۽ هو ٽن ڀائرن ۾ سڀ کان ننڍو آهي. دفاعي تجزياڪار راجا ڪبير چيو ته لال ڪڙتي پنڊي جي اسڪول ۾ پرنسپل رهندڙ سيد سرور منير کي 3 پٽ هئا، قاسم منير، هاشم منير ۽ عاصم منير. هن ٽنهي پٽن کي قرآن پاڪ حفظ ڪرايو ۽ ڪنهن کي خبر هئي ته سيد سرور منير جو هڪ پٽ اڄ پاڪستان جو آرمي چيف بڻجي ويندو ۽ نجف حميد جو ڀاءُ وقت تي گهر هليو ويندو.