وفاقي سرڪار پاران نيوزيلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيم کي وي آءِ پي سيڪيورٽي ڏيڻ جو فيصلو

0
216
وفاقي سرڪار پاران نيوزيلينڊ

اسلام آباد(اسپورٽس نيوز) وفاقي سرڪار نيوزيلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيم کي وي آءِ پي سيڪيورٽي ڏيڻ جو فيصلو ڪري ورتو. تفصيل موجب پاڪستان جي دوري تي آيل نيوزيلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيم جي سيڪيورٽي لاءِ حڪمت عملي ترتيب ڏني پئي وڃي.

ان حوالي سان وزيراعظم شهباز شريف  گهرو وزارت کي پڻ هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن جنهن بعد گهرو وزارت پاران ايڊيشنل ڪمشنر اسلام آباد ، آءِ جي ۽ ڪمشنر راولپنڊي کي باضابطا خط اماڻي ڇڏيو آهي

جنهن ۾ چيو ويو آهي ته نيوزيلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيم کي رياستي سطح جي سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ لاءِ بندوبست ڪيو وڃي. ٻئي طرف ايڊيشنل ڪمشنر مهمان ٽيم جي سيڪيورٽي لاءِ اسلام آباد ۽ راولپنڊي جي انتطاميا جو گڏيل اجلاس طلب ڪري ورتو آهي

جنهن ۾ انتظاميا ۽ پوليس کي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان گڏجي سيڪيورٽي پلان جوڙڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، اڄ سيڪيورٽي پلان کي حتمي شڪل ڏني ويندي. واصح رهي ته نيوزيلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيم 11 کان 26 اپريل تائين قومي ٽيم سان ٽي –ٽوئنٽي ۽ ون ڊي سيريز ۾ آمهون سامهون ٿيندي