وفاقي حڪومت گورنر سنڌ لاءِ ايم ڪيو ايم کان نالا گهري ورتا

0
176
وفاقي حڪومت گورنر

اسلام آباد: وفاقي حڪومت ڪابينا جي جوڙجڪ کانپوءِ گورنرز جي مقرري لاءِ سرگرم ٿي وئي آهي، ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته وفاقي حڪومت گورنر سنڌ لاءِ ايم ڪيو ايم پاڪستان کان نالا گهري ورتا آهن، جڏهن ته ايم ڪيو ايم به 2 نالا وفاقي حڪومت کي ڏنا آهن

وفاقي حڪومت حتمي فيصلو ڪرڻ تائين ايم ڪيو ايم طرفان اماڻيل 2 نالا ظاهر نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي

ذريعن موجب وفاقي حڪومت بلوچستان عوامي پارٽي کان به گورنر بلوچستان لاءِ نالا گهريا آهن

ھي به پڙھندا

راڻا ثناءُ الله گھرو وزير، مريم اورنگزيب اطلاعات ۽ مفتاح اسماعيل ناڻي وارو وزير مقرر