لاهور هاءِ ڪورٽ حمزه شهباز جي درخواست رد ڪري ڇڏي

0
311
لاهور هاءِ ڪورٽ

ڪراچي (م ڊ) لاهور هاءِ ڪورٽ پنجاب جي وڏي وزير جي حلف برداري لاءِ حمزه شهباز جي درخواست نامڪمل قرار ڏيندي رد ڪري ڇڏي

ياد رهي ته پنجاب جي نئين چونڊيل وڏي وزير حمزه شهباز پنهنجي حلف برداري لاءِ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ آئيني درخواست داخل ڪئي هئي

درخواست ۾ چيو ويو آهي ته پهرين اپريل تي عثمان بوزدار جي استعيفيٰ جي منظوري کان پوءِ وڏي وزير جو عهدو خالي آهي، پنجاب جي گورنر پاران درخواستگذار کان حلف نه وٺڻ سياسي چالبازي ۽ بدنيتي آهي، صدر، اسپيڪر ۽ گورنر آفيس جو ڪم پارٽي پاليسيون اختيار ڪرڻ ناهي

رجسٽرار آفيس ڇنڊڇاڻ واري درخواست نامڪمل هجڻ سبب واپس ڪري ڇڏي آهي، ذريعن موجب حمزه شهباز جي درخواست تي گهربل دستاويز مڪمل نه هئا، مڪمل ڪري ٻيهر داخل ڪرائي سگهجي

ھي به پڙھندا

وفاقي حڪومت گورنر سنڌ لاءِ ايم ڪيو ايم کان نالا گهري ورتا