شهباز حڪومت ۾ به ڊالر جي مٿي اڏام،  2 رپيا 26 پئسا مهانگو ٿي ويو

0
316
ڊالر 25 پئسا مهانگو: سون ۾ 900 رپين جي واڌ
ڊالر 25 پئسا مهانگو: سون ۾ 900 رپين جي واڌ

ڪراچي (م ڊ) گڏيل اپوزِيشن جي حڪومت ۾ به آمريڪي ڊالر کي پر لڳي ويا، انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ ڊالر 2 رپيا 26 پئسا مهانگو ٿي ويو ۽ 184 رپين کان به پار ڪري ويو

گڏيل اپوزِيشن سان ٺهيل شهباز شريف جي حڪومت جي اچڻ سان ئي رپئي جي استحڪام بابت سوال اٿڻ لڳا، انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ ڊالر هڪ ڀيرو ٻيهر مضبوط ٿيڻ شروع ٿي ويو

واپاري سيشن دوران ڊالر 2 رپيا 26 پئسا مهانگو ٿي هڪ سئو 84 رپين جو ٿي ويو آهي

فاریکس ڊيلرز موجب اوپن مارڪيٽ ۾ به آمريڪي ڊالر  185.50 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي، جڏهن ته ٻن ڏينهن ۾ ڊالر جي قيمت ۾ 3 رپين کان وڌيڪ جو اضافو ٿي چڪو آهي ۽ ڪالهه آمريڪي ڊالر 99 پئسا اضافي سان 184 روپيا تي بند ٿيو هو

ياد رهي ته پهرين مارچ کان 7 اپريل جي وچ ۾ رپئي جي قدر ۾ 10 رپيا جي گهٽتائي ٿي هئي، جڏهن ته 8 اپريل کان 15 اپريل تائين پاڪستاني روپي جي قدر ۾ 6 روپيا 63 پيسن جو اضافو ٿيو هو

ھي به پڙھندا

سون 300 رپيا مهانگو : ڊالر 185.5 رپين تي پهتو