وطن کان پري ڪهڙي عيد … سيد خليل احمد

0
373
وطن کان پري ڪهڙي عيد ... سيد خليل احمد

“وطن کان پري ڪهڙي عيد ” “نه ڪا ڄاڻ نه سڄاڻ نه ڪو پنهنجو عيد ملڻ وارو”

                         هي جملا اڻڄاڻائي ۾ اجائي مايوسي ڦهلائي نوجوانن کي وري سوچڻ تي مجبور ڪندا آهن “ابا پنهنجا اباڻا ڪک ڪئين ڇڏبا!”

                         بلڪل ڇڏبا پنهنجي زندگي بهتر ڪرڻ لاءِ پنهنجي ماڻهن کي هن اونداهي مان ڪڍڻ لاءِ ۽ بهتر تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ!

                         منهنجي زندگي جي پهرين عيد پنهنجي ڌرتي کان پري آهي پر هاڻي ايترا ته سنڌي سڄي دنيا ۾ آهن جو ڪٿي به اڪيلائپ محسوس ناهي ٿيندي.

                         سموري سنگت کي عيد جو کوڙ ساريون واڌايون، ٿوري همت ڪيو ته ايندڙ سال اوهان جي عيد به يورپ ۾ ٿيندي. (فيس بوڪ تان ورتل)