آئون انٽرنيٽ تان پئسا ڪيئن ڪمائيندو آهيان؟ … زوهيب حسين عباسي

0
400
آئون انٽرنيٽ تان پئسا ڪيئن ڪمائيندو آهيان؟ ... زوهيب حسين عباسي

 جيئن ته آئون گذريل پنجَن سالن کان مسلسل انٽرنيٽ تان پئسا ڪمائڻ جي جستجو ڪري رهيو هُيس، فيس بوڪ پيجز ٺاهي کپايا، يوٽيوب چينل ٺاهي مستقل مزاجيءَ سان چينل تي محنت ڪندو رهُيس پر خاص نتيجو نه نڪتو، يوٽيوب چينلن کي مونيٽائز ڪرائڻ لاءِ واچ ٽائيم ڏيڻ جي سروس پڻ ڪئي پر خاص فائدو نه سمجهو.

                         نيٺ هڪ اهڙو پليٽ فارم مليو جنهن تان گذريل هڪ سالَ کان سٺي ارننگ ڪري رهيو آهيان ۽ مطمئن به آهيان، جنهن ۾ خاص اسڪلز يا گهڻي محنت جي به ضرورت ناهي، صرف وقت ڏيڻو آهي … جي ها

اهو آهي ويب سائيٽ هينڊلنگ جو ڪم آهي

                         مون جنوري 2021 ۾ هڪ دوستَ کان ورڊ پريس تي ويب سائيٽ ٺهرائي جنهن تي نوڪرين جا اشتهار ۽ معلومات رکندو آهيان ، ويب سائيٽ تي ڪم شروع ڪيو ۽ 3 مهينن ۾ ويب سائيٽ مونيٽائز ٿي وئي.

                         گذريل هڪَ سال کان آئون ويب سائيٽ تان گهر ويٺي تمام سٺي ارننگ ڪري رهيو آهيان، صرف 2 ڪلاڪ صبح جو ڪم ڪندو آهيان ۽ 2 ڪلاڪ شام جو.

ويب سائيٽ تي ٽريفڪ جنريٽ ڪرڻ لاءِ واٽس ايپ گروپَ ٺاهيا آهن ، هن وقت 8 واٽس ايپ گروپ آهن جن ۾ 8 هزار کان مٿي ميمبر ايڊ آهن ۽ واٽس ايپ گروپن تان ويب سائيٽ جي ٽريفڪ پڻ آڻيندو آهيان.

چوڻ جو مطلب صرف اِهو ته اگر اوهان وٽ خاص اسڪل ( فن ) ناهي، يا مون وانگر ڪوئي ڪورس يا ڪم ڪرڻ لاءِ وقت نٿا ڪڍي سگهو ته ڪنهن سينئر دوستَ کان ورڊ پريس تي ويب سائيٽ ٺهرايو ، ان لاءِ شروع ۾ اوهان کي ڊومين هوسٽنگ خريد ڪرڻو پوندو ( جيڪو گهڻو مهنگو ناهي )

تنهن تي اوهان مستقل مزاجيءَ سان ڪم شروع ڪيو ، چند مهينن ۾ يقين ڪيو اوهان کي تمام سٺو فائدو ملندو ، خاص ڪري نياڻين لاءِ يا پارٽ ٽائم ڪم جي دلچسپي رکندڙ دوستن لاءِ تمام بهترين فيلڊ آهي. ۽ هڪ ڳالهه ياد رکو ته ڪوئي به ڪم شروع ڪيو ته پاڻ ۾ حوصلو، صبر ۽ مستقل مزاجي ضرور رکو، جلد بازي نه ڪيو.

وڌيڪ هر دوستَ جي پنهنجي سوچ، پنهنجي مرضي آهي

مون صرف پنهنجو تجربو شيئر ڪيو آهي ، ۽ آئون دوستن کي صرف اُها ئي صلاح ڏيندو آهيان جيڪو ڪم آئون ڪندو آهيان يا جتان فائدو حاصل ڪندو آهيان. (فيس بوڪ تان ورتل)