ھڪ فاسٽ بالر جڏھن پنهنجي رنپ/اسٽارٽ کان بال ھلائڻ لاءِ ڊوڙڻ شروع ڪندو آھي ته سندس دماغ ۾ ڪيئي سوال جنم وٺندا آھن ته سامهون ڪهڙو پليئر/بيٽر آھي ۽ ڪهڙي صورتحال مون کي بالنگ ڪرائڻ لاءِ سڏيو ويو آھي ۽ ھو ان ٻڏتر ۾ ڪڏھن ناڪام به ٿي ويندو آھي ۽ پنهنجو سٺو بال ھلائڻ وساري ويهندو آھي ۽ اھو به ڪرڪيٽ جو ھڪ حصو آھي.پر ڪڏھن، ڪڏھن فاسٽ بالر ڪرشما ڪندا آھن ۽ سندن اسپيل ڊگهي عرصي تائين دماغ جي ميموري ۾ سيو ٿي ويندا آھن.

                         اھڙو ئي ھڪ اسپيل گذريل رات معين خان اڪيڊمي ڪراچيءَ ۾ جاري رمضان ٽورنامينٽ دوران ڏسڻ لاءِ مليو، جنهن ۾ لاڙڪاڻي واسي ھن نوجوان جي يارڪرن مخالفن بيٽرن کي بيوس ڪري ڇڏيو.

                         عامر بروھي جيڪو سنڌ واسين لاءِ ڪو اوپرو نالو نه آھي، لاڙڪاڻا ايڪسپريس جي نالي سان مشهور ھي جوان ڊگهي عرصي کان ٽيپ بال ڪرڪيٽ ۾ بيٽرن لاءِ دھشت جي علامت بڻيل آھي، جنهن جي آڏو سٺي کان سٺي بيٽر جا پگهر نڪري ويندا آھن ان ھاڻي ٽينس بال بدران ڪوڪابئورا بال ھٿ ۾ کنيو آھي ۽ سندس اِن ۽ آئوٽ سوئينگ ڊليورين آڏو بيٽرن ھٿ مٿي ڪري ڇڏيا آھن.

عامر بروھي جي بالنگ ۾ ڊسپلين ۽ جارحيت ۾ زبردست توازن ھو، ھن يارڪر لينٿ تي مسلسل بالنگ ڪندي چار وڪيٽون حاصل ڪيون ۽ مخالف ٽيم لاءِ واپسي جا سمورا دڳ بند ڪري ڇڏيا. (فيس بوڪ تان ورتل)